حڪومت ننڍن آبادگارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ايڪٽ آڻي پئي

حڪومت ننڍن آبادگارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ايڪٽ آڻي پئي

حيدرآباد (ن س) زراعت کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر حيدرآباد جي شھباز بلڊنگ ۾ ايگريلڪچر آفيس ۾ رکيل کلي ڪچھري کان پوء ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ننڍن آبادگارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ ايگريڪلچر ڪليڪٽوز ايڪٽ آڻي رهي آهي،هن ايڪٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ وزير اعلي سنڌ پاران منهجي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي،ھن ايڪٽ جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ آبادگار سان مشاورت ڪرڻ اڄ پهرين حيدرآباد ۾ کلي ڪچهري ڪئي آهي، ان کانپوءِ سنڌ ايگريڪلچر ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026 بابت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ادارن سان کلي ڪچهريون ڪري سندن رائي ورتي ويندي ،ڪليڪٽو ايڪٽ سان ننڍن آبادگارن کي وڌيڪ خودمختياري ڏني ويندي،ھن تصور ۾ 8 ايڪڙ زمين رکندڙ آبادگارن جا گروپ ٺاهيا ويندا.هن چيو ته سرڪار پاران سهولتون ۽ مراعتون سڌي ريت انهن آبادگار گروپن کي ملنديون،آبادگارن جا فصل ۽ ٻئي اپت وٺڻ جو اختيار ڪليڪٽوز وٽ هوندو،صوبائي وزير جي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن آفيس منعقد ٿيل کلي ڪچهري ۾ آبادگار اڳواڻ نبي بخش سٺيو ،محمود نواز شاه ۽ ٻين آبادگار اڳواڻن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو