اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت هلندڙ مالي سال جولاءِ کان اپريل تائين 11 ارب ڊالر قرض حاصل ڪيو. دستاويزن موجب، گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 83 سيڪڙو وڌيڪ قرض ورتو ويو آهي، گذريل مالي سال هن ئي عرصي دوران 6 ارب ڊالر قرض ورتو ويو هو. هلندڙ مالي سال لاءِ مجموعي طور تي ڪاٿو (تخمينو) 19 ارب 39 ڪروڙ ڊالر آهي، اپريل ۾ ساڍا 4 ارب ڊالر موصول ٿيا جڏهن ته حڪومت هلندڙ مهيني مئي ۽ جون دوران وڌيڪ قرض کڻندي.اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي رپورٽ موجب، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 5 ارب ڊالر وڌيڪ قرض مليو، جولاءِ کان وٺي اپريل 2026 تائين 12 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ پڻ ملي. مقامي ڪرنسي موجب حڪومت کي هلندڙ مالي سال هيل تائين 3 هزار 103 ارب رپيا موصول ٿيا، گذريل مالي سال اپريل دوران مجموعي پرڏيهي مالي مدد 57 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي هئي. هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ گذريل مالي سال اپريل دوران حڪومت 7 ڀيرا اضافي قرض حاصل ڪيو، پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان ملندڙ قرض ان کان علاوه آهي جيڪو لڳ ڀڳ 2.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي. 10 مهينن جي دوران نان پراجيڪٽ ايڊ (امدادي قرض) 8 ارب 31 ڪروڙ ڊالر ۽ پراجيڪٽ ايڊ 2 ارب 75 ڪروڙ 66 لک ڊالر رهي. نان پراجيڪٽ مان بجيٽ سپورٽ لاءِ 4586 ارب 52 ڪروڙ ڊالر حاصل ٿيا، سعودي عرب پاڪستان کي 1 ارب ڊالر جي ملتوي ادائگين تي تيل جي خريداري لاءِ آئل فيسليٽي ڏني، اسلامي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي 48 ڪروڙ ڊالر قرض ڏنو، اپريل دوران 2 ڪروڙ 18 لک ڊالر جون گرانٽس موصول ٿيون آهن. دستاويزن موجب حڪومت هلندڙ مالي سال 2025-26 جي پهرين نو مهينن دوران 6 ارب 60 ڪروڙ جو قرض ورتو هو جڏهن ته گذريل مالي سال جولاءِ کان مارچ دوران 5 ارب 51 ڪروڙ ڊالر قرض ورتو ويو هو. مقامي ڪرنسي ۾ هلندڙ مالي سال مجموعي طور تي 5 هزار 720 ارب رپيا قرض کڻڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي رپورٽ موجب، گذريل مهيني اپريل دوران 1 هزار 246 ارب رپيا قرض حاصل ڪيو ويو، هلندڙ مالي سال جولاءِ ۾ 198 ارب رپيا ۽ آگسٽ ۾ 192 ارب رپيا، سيپٽمبر دوران 124 ارب رپيا ۽ آڪٽوبر ۾ 133 ارب رپين جو قرض ورتو ويو. نومبر دوران 144 ارب، ڊسمبر 413 ارب، جنوري 175 ارب، فيبروري 193 ارب ۽ مارچ دوران حڪومت پرڏيهي ذريعن کان 204 ارب رپيا قرض حاصل ڪيو هو. اپريل دوران ورتل قرض ۾ 4 ارب 15 ڪروڙ 11 لک ڊالر ٻطرفن معاهدن ۽ گهڻ-طرفن معاهدن تحت حاصل ڪيا ويا. هلندڙ مالي سال سعودي عرب ۽ چين کان 9 ارب ڊالر سيف ڊيپازٽ کي رول اوور (مدت وڌائڻ) جو ڪاٿو آهي، جنهن ۾ سعودي عرب کان 5 ارب ڊالر ڊيپازٽ ۽ چين کان 4 ارب ڊالر جي سيف ڊيپازٽ کي رول اوور ڪرائڻ شامل آهي، ان مان سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر رول اوور ٿي چڪا آهن. اپريل دوران يو اي اي کي 3 ارب ڊالر جي رقم واپس پڻ ڪئي وئي. رپورٽ موجب، هلندڙ مالي سال ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 1 ارب 92 ڪروڙ 40 لک ڊالر، عالمي بئنڪ گروپ کان 1 ارب 66 ڪروڙ 39 لک ڊالر، اسلامڪ ڊيولپمينٽ بئنڪ کان 86 ڪروڙ ڊالر جو ڪاٿو آهي جنهن مان 70 ڪروڙ ڊالر شارٽ ٽرم (مختصر مدت) لاءِ موصول ٿيندا. هلندڙ مالي سال پراجيڪٽ فنانسنگ جي مد ۾ ٻطرفن معاهدن ۽ گهڻ-طرفن معاهدن تحت مجموعي طور تي 6 ارب 40 ڪروڙ ڊالر قرض حاصل ڪيو ويندو.










