مودي حڪومت، پاڪ سعودي معاھدي کان آگاهه هئي

مودي حڪومت، پاڪ سعودي معاھدي کان آگاهه هئي

نئين دهلي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي تي ڀارت جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رندهير جيسوال سوشل ميڊيا سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ انهي اڳڀرائي کان آگاهه هئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي معاهدي تي صحيحن جي رپورٽ ڏٺي آهي.رندهير جيسوال چيو ته حڪومت پنهنجي قومي سلامتي سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي استحڪام تي انهي معاهدي جي اثرن جو جائزو وٺندي ۽ ڀارت پنهنجي قومي سلامتي ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.انهي معاهدي جي شقن تحت ڪنهن به ملڪ تي ٻاهرين هٿياربندن جو حملو ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ٿيندو. معاهدي تي صحيحون ٻنهي ملڪن جي گهري ٻطرفن لاڳاپن ۽ سيڪيورٽي تعاون جي توثيق ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو