خيرپور ناٿن شاھ (برڪت چانڊيو ) گونگا اتحاد طرفان ابرهيم چانڊيو. محمد خان شيخ ۽ وحيد گاڏھي جي اڳواڻي ۾ ڪميونٽي سينٽر کان ايوان صحافت تائين جلوس ڪڍي سخت احتجاج ڪيو . جتي هنن اشارن سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت طرفان اسان بي زبان گونگن لا۽ 25000 هزار روپيه وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ اسانکي اسان نيشنل بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ لاءِ چيو ويو هو. اسين اڪائونٽ به کوليا آھن ان باوجود به اسان کي اڃان تائين سنڌ حڪومت طرفان وظيفو نه مليو آھي. هنن چيو ته اسان بي زبانن جا پئسه کائڻ وارا الله سائين جي گرفت کان ڪڏھن به نه بچي سگهندا. هنن چيو ته اسان وس وارن ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان مسڪين بي زبان گونگن سان انصاف ڪري اسان جو حق اسان کي ڏياريو وڃي.










