ڪراچي/نواب شاهه(ن س )جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا چيو آهي ته مهانگائيءَ جي طوفان ۽ حڪومت جي عوام دشمن ظالماڻي پاليسين معيشت کي تباهه ۽ عوام جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏي آهي۔ حقيقي تبديلي ۽ مسئلن جي حل لاءِ عوام کي جماعت اسلامي جي ”بدلايو نظام-سنواريو سنڌ کي“ واري تحريڪ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي۔ حافظ نعيم الرحمان هن وقت ”اميدِ پاڪستان“ بڻجي چڪا آهن۔ اهڙن خيالن جو اظهار هن حسيني چوڪ ٻانڌي ۾ هڪ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلعي امير طارق جاويد آرائين ۽ ثاقب علي پڻ موجود هئا۔ حافظ نصرالله چنا وڌيڪ چيو ته نه صرف ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين، پر سڄي پاڪستان ۾ ماڻهو ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ آمريڪا ايران تي جنگ مڙهي، 90 هزار کان وڌيڪ عمارتون تباهه ڪيون ويون، هزارين ماڻهو شهيد ٿيا ۽ اعليٰ قيادت کي شهيد ڪيو ويو، پر ان باوجود ايران ۾ اڄ به پيٽرول 15 رپيا في ليٽر موجود آهي، جڏهن ته اسان جي حڪمرانن آءِ ايم ايف جي اشاري تي پيٽروليم شين غنڊا ٽيڪس جي نالي تي ليوي ۾ وڌائي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.حڪومت پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو، 11 ارب رپين جو جهاز خريد ڪرڻ، پنهنجي لاءِ مفت بجلي ۽ مفت پيٽرول وٺڻ لاءِ پنهنجن آقائن کان اجازت نٿي وٺي، پر عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو بهانو بڻايو وڃي ٿو۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ 18 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، سڄو سنڌ ڀڙڀانگ بڻيل ۽ ڪنهن پراڻي کنڊر جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ڪرپشن ذريعي پنهنجا بئنڪ بيلنس وڌايا پيا وڃن۔ اهڙين حالتن ۾ عوام جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي، ان جي ميمبرشپ حاصل ڪري ۽ جماعت اسلامي جو دست و بازو بڻجي ته جيئن هن ملڪ ۾ اسلامي نظام توڙي مهانگائي، بيروزگاري، بي امني جو خاتمو ۽ عوام جي دردن جو درمان ٿي سگهي۔#










