حڪومت جو سوشل ميڊيا مواد تي پابندي لاءِ نئين ترميم جو فيصلو

حڪومت جو سوشل ميڊيا مواد تي پابندي لاءِ نئين ترميم جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا تي پابندين لاءِ نئين ترميم جو فيصلو ڪيو آهي.وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا مواد تي ڪارروائي جو اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.وفاقي ڪابينا ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا سمري سرڪيوليشن ذريعي ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي.ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ ترميم جي حتمي منظوري پارليامينٽ کان ورتي ويندي، پارليامينٽ مان ترميم جي منظوري کانپوءِ ايف آءِ اي سوشل ميڊيا تي نفرت آميز مواد تي ڪارروائي ڪري سگهندي.سمري موجب پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 505 ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ شامل ناهي ان ڪري اها شق شامل ڪئي وڃي، ترميم کانپوءِ ايف آءِ اي کي ڪنهن به قسم جي جعلي ڀرتين تي ڪارروائي جو اختيار به حاصل هوندو. سمري موجب پارليامينٽ جي منظوري کانپوءِ ان قانون تحت 7 سالن تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو