حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي رابطي ۾ آهن، بلاول

حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي رابطي ۾ آهن، بلاول

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ اتحادي اسان سان رابطن ۾ آهن، کين چيو اٿئون ته ثابت ڪريو ته سينيٽ چونڊن ۾ عوام ۽ سليڪٽيڊ حڪمرانن مان ڪنهن سان گڏ آهن، احڙو اظهار هن ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ اسان جي حڪمت عملي سان حڪمران پهريون ڀيرو ايم اين ايز ۽ اتحادين سان ڳالهائڻ لاءِ مجبور ٿيا آهن پر هاڻي گهڻي دير ٿي وئي، پي ٽي آءِ جي ميمبرز ۽ اتحادين ڪٺ پُتلي حڪمرانن کي ووٽ نه ڏنو ته اها جمهوريت جي ڪاميابي هوندي، اسان جي جدوجهد ڪٺ پُتلي حڪومت ۽ سليڪٽيڊ نظام خلاف آهي، ساهه جي آخري گهڙي تائين اها جدوجهد جاري رکي ويندي، ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب دوران بلاول ڀٽو چيو ته سليڪٽيڊ حڪمرانن ۾ ملڪ هلائڻ جي صلاحيت ئي نه آهي، نالائق حڪومت عوام کي قرضن ۽ بحرانن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. اسين جلد عوام جي جام ڇڏائينداسين. هن چيو ته سيپيڪ جو بنياد اسين رکيو ۽ پشتونن کي شناخت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو