لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته حڪومتي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي فري هينڊ ڏنو آهي، جيڪو به پوليس ڏانهن هٿ وڌائيندو ان کي ٽوڙينداسين.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته گذريل 5 کان 7 ڏينهن ۾ ٿيل واقعن تي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪنهن کي به پوليس تي الزام هڻڻ جو حق ناهي. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي آءِ جي ۽ ڊي پي او تي اعتماد ناهي ته پوليس جي سڪيورٽي واپس ڪري، سياسي سرگرمي جي اجازت ڏني وڃي.










