حڪومتي خاطري بعد يوٽيليٽي اسٽورز جي ملازمن جو ڌرڻو ختم

حڪومتي خاطري بعد يوٽيليٽي اسٽورز جي ملازمن جو ڌرڻو ختم

اسلام آباد(رپورٽ ايازمهر)يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن حڪومتي وفد سان ڳالهين کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن جو چوڻ آهي ته صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير يقين ڏياريو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز بند نه ڪيا ويندا، حڪومتي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي. ملازمن جي نمائندن چيو ته جيڪڏهن حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو. ياد رهي ته رائيٽ سائيزنگ ۽ حڪومتي خرچ گهٽائڻ لاءِ حڪومت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن بعد ملڪ جي مختلف حصن مان آيل ملازمن 26 آگسٽ کان ڊي چوڪ آڏو ڌرڻو هنيو هو، حڪومت ڪنٽينر لڳائي ريڊ زون جو رستو بند ڪيو هو. 2 ڏينهن اڳ ملازمن حڪومت سان ڳالهين بعد بليو ايريا ۾ واقع ڪارپوريشن جي آفيس ڏانهن ڌرڻو شفٽ ڪيو هو جيڪو اڄ سومر تي ختم ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته غريبن کي رعايتي اگهن تي کاڌي پيتي جون شيون مهيا ڪرڻ لاءِ 1971 ۾ هي ادارو قائم ڪيو ويو هو. سڄي ملڪ ۾ 4 هزار جي لڳ ڀڳ اسٽور آهن ۽ ساڍا 14 هزار ملازم ڪم ڪري رهيا آهن. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن هڪ سرڪاري ادارو آهي جنهن جو بنياد 1971 ۾ رکيو ويو ۽ سڄي ملڪ ۾ 4,000 اسٽورز هلائي ٿو جنهن جو مقصد عوام کي رعايتي قيمتن تي ضروري سامان فراهم ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو