حڪمران ملڪ ۾ مليل محدود جمھوري آزادين کي به سلب ڪن پيا

حڪمران ملڪ ۾ مليل محدود جمھوري آزادين کي به سلب ڪن پيا

حيدرآباد ( پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سياسي شعبو، تنظيمي شعبي پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو،اجلاس ۾ حيدر شاھاڻي، ھوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، گوتم چنا، شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ مجموعي سياسي صورتحال سان گڏ پارٽي جي تنظيمي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو چيو ته حڪمران پنهنجي ماضيءَ مان سکڻ درست دڳ اختيار ڪرڻ بجاءِ ملڪ ۾ مليل محدود جمھوري آزادين کي به سلب ڪري رھيا آھن، محڪوم قومن جي جائز گھرجن جو پورائو ڪرڻ بجاءِ ملڪ ۾ شامل تاريخي وحدتن جي وجودن کي ميسارڻ لاءِ نون صوبن جو راڳ آلاپي رهيا آهن، حڪمران رجيم اڳ ئي ون يونٽ ذريعي ملڪ کي ٻھ اڌ ڪري چڪا آهن ان باوجود درست دڳ تي چڙھڻ لاءِ تيار ناھن ، ملڪ کي حقيقي جمھوريت جي راھ تي چاڙھڻ بجاءِ صدارتي سسٽم آڻڻ، ارڙھين ترميم ۾ مليل انڌن منڍن اختيارن کي ختم ڪرڻ جون رٿون آڻي محڪوم قومن جي معدني وسيلن تي قبضي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، اجلاس ۾ ملڪ ۾ ماحولياتي خرابين ۽ تباھڪارين جي خاتمي لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ بجاءِ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباھڪارين ۾ عوام کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي بي يارو مددگار لکين ماڻھون بندن روڍن رستن تي پيل آھن جن جي ڪا عملي مدد بجاءِ حڪمران صرف رڳو ڦوٽو شوٽز ۽ نمائشي ڪمن ۽ عالمي دورن ۾ پورا آهن، اجلاس ۾ گھر ڪئي وئي ته ملڪ مان غير يقيني صورتحال جو خاتمو آڻي حقيقي جمھوريت آڻي نئين سوشل ڪانٽريڪٽ تحت مسئلن جو مستقل بنيادن تي مثبت حل ڪڍيو وڃي، عالمي سطح تي آيل ماحولياتي تبديلن جي تباھڪارين کان بچڻ لاءِ جديد بنيادن تي لفاظي بجاءِ عملي قدم کنيا وڃن، ٻوڏ ۽ برسات سٽيل ماڻھن جي واھر لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي زمينن تي قبضگيري وارا منصوبا واپس ورتا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو