عوام تي ٽيڪسن جو بار وڌو پيو وڃي: حافظ نعيم الرحمان

عوام تي ٽيڪسن جو بار وڌو پيو وڃي: حافظ نعيم الرحمان

لاهور (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي نالي تي آءِ پي پيز سان ناجائز معاهدا ڪيا، جڏهن ته پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ عوام تي بار بار ٽيڪسن ۽ مهانگائي جو بار وڌو پيو وڃي.لاهور ۾ ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽروليم ليوي جو پيٽرول جي قيمت سان ڪو تعلق ناهي، تنهنڪري پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ تازو ڪيل واڌ فوري طور واپس ورتي وڃي.هن چيو ته بجلي ۽ گئس جي بلن تي اڳ ئي ڳرا ٽيڪس لاڳو آهن، جنهن سبب عام ماڻهو سخت معاشي دٻاءَ جو شڪار آهي.جماعت اسلامي جي امير الزام لڳائيندي چيو ته حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ آءِ پي پيز سان اهڙا معاهدا ڪيا، جن جو بار آخرڪار عوام کي بجلي جي ڳرن بلن جي صورت ۾ برداشت ڪرڻو پيو.حافظ نعيم الرحمان موجب حڪومت 27 مان 5 آءِ پي پيز بند ڪيا، جنهن بابت خود حڪومت جو چوڻ هو ته ان قدم سان قومي خزاني کي 3 هزار 360 ارب رپين جو فائدو ٿيو.هن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه آءِ پي پيز بند ڪرڻ سان ايترو وڏو مالي فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو ته پوءِ عوام کي مهانگي بجلي فراهم ڪرڻ ۽ ڳرا بل موڪلڻ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي.حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته ايف بي آر ۾ پڻ ڪرپشن عروج تي آهي، جڏهن ته حڪومت جي ناقص پاليسين جو بار مسلسل عوام تي وڌو پيو وڃي.هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ تازو اضافو واپس وٺي، بجلي ۽ گئس جي بلن تان ڳرا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن ۽ عوام کي مهانگائي مان رليف فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو