حيدرآباد (ن س) ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) حيدرآباد طرفان قاسم آباد ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪالعدم تنظيم فتنه الهندستان سان لاڳاپيل ٻه گهربل دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا.سي ٽي ڊي مطابق گرفتار ٿيل دهشتگرد دهشتگردي جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ سي ٽي ڊي سنڌ کي انتهائي گهربل هئا ۽ ڪافي وقت کان روپوش هئا۔ ڪارروائي دوران جوابدارن جي قبضي مان دهشتگردي لاءِ فنڊ جي وڏي رقم، ڪالعدم تنظيم فتنه الهندستان سان لاڳاپيل اهم دستاويز، رسالا ۽ تنظيم جون رسيد بڪون هٿ ڪيون ويون. ترجمان سي ٽي ڊي موجب جوابدارن جي قبضي مان اهو هٿيار به مليو آهي، جنهن سان اپريل 2025 ۾ لوني ڪوٽ، ڄام شورو جي علائقي ۾ سي ٽي ڊي حيدرآباد جي موبائل تي فائرنگ ڪئي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري گاڏي کي نقصان پهتو هو۔ هٿ آيل هٿيار کي تحويل ۾ وٺي فرانزڪ (FSL) جاچ لاءِ موڪليو ويو آهي، جتي ان جو واقعن مان ملندڙ خولن سان مقابلو ڪيو پيو وڃي۔سي ٽي ڊي ذريعن موجب گرفتار دهشتگردن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ ويجهي وقت ۾ اهم اڳڀرائي جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي۔










