حيدرآباد (رپورٽر): حيدرآباد ۾ دهشتگرديِءَ خلاف ۽ پيشه ورانه ڪارروائي ڪندي سي ٽي ڊي انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي دوران گهربل دهشتگرد سومار ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروائي قاسم آباد جي علائقي سحرش نگر ۾ ڪئي وئي، جتي جوابدار کي ڪامياب ڪارروائيءَ بعد تحويل ۾ ورتو ويو. گرفتار جوابدار سومار ملاح جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ ڪيو ويو آهي. شروعاتي جاچ موجب جوابدار 30 جولائيءَ تي ٿاڻي هٽڙيءَ جي حدن ۾ سي ٽي ڊي پوليس پارٽيءَ تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن بعد هو مطلوبه هو.سي ٽي ڊي موجب ڪارروائيءَ دوران دهشتگرد جو هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي گرفتاريءَ لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آهي. آپريشن دوران مقامي پوليس کي به مدد لاءِ طلب ڪيو ويو، جڏهن ته فرار جوابدار جي ڳولا ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.










