حيدرآباد:(ن س) حيدرآباد پوليس ٽن ڏوھارين کي نزخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آھي، قاسم آباد جي نسيم نگر ٿاڻي ۽ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ مبينه پوليس مقابلن ۾ ٽن ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي.پوليس ترجمان موجب نسيم نگر پوليس جو عبدالله گارڊن فيز-6 لنڪ روڊ تي ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو جنهن دوران جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه جوابدار زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس گرفتار ڪيو ويو آھي.ڀٽائي نگر پوليس گشت دوران مبينه موٽر سائيڪل لفٽر گينگ سان مبينه مقابلو ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي، گرفتار جوابدارن کي طبي علاج لاء سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آھي.گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ رمضان عرف رجب، عثمان ، وڪيل راجپوت طور ٿي آھي، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ٽي عدد پسٽل ۽ چوري ٿيل ٻه موٽرسائڪلون ھٿ ڪيون ويون آھن، گرفتار جوابدار رمضان عرف رجب 18 کان وڌيڪ ڪيسز ۾ گھربل آھي، جوابدارن جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.










