حيدرآباد: عدالتي حڪم تي ڪارروائي، چڪريون، مسمات تانيه بازياب

حيدرآباد: عدالتي حڪم تي ڪارروائي، چڪريون، مسمات تانيه بازياب

حيدرآباد (ن س) عدالتي حڪم تي ھٽڙي پوليس ڳوٺ فاضل ٻاگھل ۾ ڪاروائي ڪري مسمات تانيه کي بازياب ڪرائي ورتو.ايڊيشنل سيشن جج فورٿ حيدرآباد جي حڪم تي عملدارآمد ڪندي ھٽڙي پوليس درخوست گذار رياض ملاح پاران داخل پٽيشن مطابق مسمات تانيه عمر 35 سال کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاء ڳوٺ فاضل باگھل ۾ ڪاروائي ڪئي، پوليس جڏھن مسمات تانيه کي بازياب ڪرائڻ پھتي ته پوليس ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ چڪريون ٿيون، ڳوٺاڻن پوليس کي يرغمال ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوليس موبائيلن جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، جنھن بعد پوليس جي وڌيڪ نفري ڳوٺ فاضل ٻاگھل ۾ طلب ڪئي وئي.ايس ايڇ او ھٽڙي فاروق احمد راھپوٽو موجب مسمات عزت خاتون ۽ سندس ساٿين پوليس اھلڪارن مٿان تشدد ڪيو ۽ پوليس موبائيلن کي ٽوڙي سرڪاري خزاني کي نقصان پھچايو آھي، ھٽڙي پوليس ڪاروائي ڪندي مسمات تانيه کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو ، پوليس ڪاروائي دوران ھڪ عورت ۽ 16 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آھي، واقعي جي حوالي سان قانوني گهرجون پوريون ڪري وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو