حمزه شهباز سان يورپي يونين جي وفد  جي ملاقات

حمزه شهباز سان يورپي يونين جي وفد جي ملاقات

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز سان اي يو جي جي ايس پي پلس مانيٽرنگ مشن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي حمزا شهباز چيو ته عورتن ۽ اقليتي برادرين کي برابري جا حق فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي دور ۾ پنجاب حڪومت ڀٽن مان چائلڊ ليبر جو خاتمو ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سردار اويس احمد خان لغاري، ملڪ محمد، عطاءُ الله تارڙ، چيف سيڪريٽري، آءِ جي ۽ ٻيا موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو