حماس ۽ اسرائيل ڳالهينجو اهم دور اچ مصر ۾ ٿيندو

حماس ۽ اسرائيل ڳالهينجو اهم دور اچ مصر ۾ ٿيندو

قاهره (ويب ڊيسڪ)اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگبندي بابت ٿيل ڳالهين ۾ ڪا پيش رفت نه ٿي سگهي ۽ اڄ ٻيهر ڳالهيون جو دور ٿيندو. الجزيره موجب فلسطيني گروپ حماس جو هڪ وفد جنگ بندي ۽ قيدين جي آزاديءَ لاءِ ڳالهين لاءِ مصر جي راڄڌاني ۾ آهي. برطانيه طرفان جاري ڪيل تفصيلن موجب حماس جي هڪ ٽيم ڇنڇر (4 مئي) تي قاهره پهتي، جنهن ۾ قطر، مصر ۽ آمريڪا جي ثالثن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ 40 ڏينهن لاءِ غزه تي اسرائيل جي جنگ بند ڪرڻ ۽ فلسطيني قيدين جي بدلي جي تجويز تي غور ڪيو ويو. ذريعن الجزيره کي ٻڌايو ته ڳالهيون هڪ نازڪ موڙ تي آهن ڇو ته قطري ٽيڪنيڪل ٽيم مصرين سان هڪ ممڪن ڊيل جي تفصيل جو جائزو وٺي رهي آهي. جنهن ۾ نيتن ياهو رڪاوٽ بڻيل آهي. حماس جي سينيئر ترجمان اسامه حمدان الجزيره کي ٻڌايو ته ”واضح آهي ته اسان ڳالهين ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون، ڪجهه مثبت اڳڀرائي جي اميد آهي“.

پهنجو تبصرو موڪليو