حليم عادل شيخ جي ضمانت رد، گرفتار

حليم عادل شيخ جي ضمانت رد، گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ضمانت رد ڪئي وئي آهي. اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل سنڌ اسيمبلي جي اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت حليم عادل شيخ جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، اينٽي انڪروچمينٽ اختيارين حليم عادل شيخ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. اينٽي انڪروچمينٽ عملدارن جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ تي سرڪاري زمين تي حددخلين جو الزام آهي، جوابدار حليم عادل شيخ جاچ ۾ شامل ناهي ٿي رهيو. اختيارين جو چوڻ هو ته 12 نوٽيسن باوجود حليم عادل بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نه آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو