ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايران نواز يمن جي حوثي باغين اچر تي صبح جو اسرائيل تي ’نيو هائپر سپر سونڪ بيليسٽڪ ميزائيل‘ فائر ڪيو آهي جنهن کي اسرائيلي ڊوم روڪي نه سگهيو. ميزائيل تل ابيب ۽ يروشلم جي وچ تي خالي ميدان ۾ ڪريو جنهن سبب ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. حوثي باغين جي ترجمان حملي جي تصديق ڪندي چيو ته فائر ڪيل ميزائيل 2 هزار ڪلوميٽر جو فاصلو ساڍن 11 منٽن ۾ طئي ڪيو. ترجمان خبردار ڪيو ته اهڙا وڌيڪ ميزائيل حملا ايندڙ ڏينهن ۾ به ڪيا ويندا. حملي بعد اسرائيل ۾ خطري جا سائرن وڄايا ويا ۽ تل ابيب ايئرپورٽ تي ڪيترا مانحو خوف مان ڀڄندي نظر آيا. ٻئي پاسي سي اين اين جي رپورٽ موجب لبنان مان ايران نواز حزب الله به آچر تي اسرائيل مٿان 40 ميزائيل فائر ڪيا آهن. جن مان ڪجهه دفاعي نطام روڪي ورتا ۽ ڪجهه ميداني علائقن ۾ ڪريا آهن. اسرئيلي فورسز هڪ ڊرون لبنان مان فائر ٿيڻ جي به تصديق ڪئي آهي.










