حريم شاهه جي حرڪتن تي شرمسار آهيان؛ ضرار شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ گرل حريم شاهه جي والد ضرار حسين شاهه پنهنجي نياڻي جي حرڪتن تي انهن ماڻهن کي معافي ورتي آهي جنهن جي حريم وڊيو رکي انهن جي دل آزاري ڪئي آهي. گذريل ٻن مهينن کان پنهنجي وڊيو ذريعي پاڪستاني سياست ۽ ميڊيا تي هلچل مچائيندڙ ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جي والد ضرار حسين شآهه جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ هو حريم شاهه ۽ سياستدانن جي وائرل ٿيندڙ وڊيو تي معافي گهرندي نظر اچي رهيو آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حريم شاهه جو والد زارو قطار روئيندي ٻڌائي ٿو ته ان جي نياڻي جو نالو حريم شاهه نه پر فضا حسين آهي مختلف سياستدانن سان گڏ حريم شاهه جون وائرل ٿيندڙ وڊيو تي هن ڏک جو اظهار ڪندي سڀني ماڻهن کي معافي وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. ضرار حسين ٻڌايو ته هن پنهنجي ڌيءَ کي بهترين ۽ معياري مدرسن ۽ تعليمي ادارن کان دين جي تعليم ڏياري هئي جتي هن تمام بهترين نمبر کڻي عالمه جو ڪورس ڪيو هو مان پنهنجي نياڻي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو جيڪو هڪ پيءُ ڪري سگهندو آهي پر هن مون کي مايوس ڪيو آهي. واضح رهي ته حريم شاهه پنهنجي ئي ٽوئٽر اڪائونٽ تي پنهنجي والد جي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته ميڊيا ۽ عوام کي درخواست ڪيان ٿي ته منهنجي خاندان کي ان معاملي ۾ نه گهليو وڃي ۽ نه ئي منهنجي نجي معلومات شيئر ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو