جگر جلال جي ڪار ۽ ڍولڪ نواز هٿ، فنڪار پٽ سوڌو گم

خانپور/ڪرمپور( زبير ابڙو ۽ ڪريم بخش ملڪ) سنڌ جي مشهور فنڪار جگر جلال چانڊيو ۽ سندس ساٿين جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، پوليس سندن گاڏي هٿ ڪري ورتي، وارث سخت پريشان. آچر جي شام سنڌ جو مشھور فنڪار جگر جلال ڪرمپور لڳ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان ساٿين سميت گم ٿي ويو. جگر جلال جي سوٽ اديب ۽ شاعر ملهار چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جگر جلال کي سرور شر نالي هڪ شخص فون ڪري چيو ته اسان جي شادي آھي سو اسان کي ٽائيم ڏيو هن ڏھ ھزار روپيا ڪرايو ايزي لوڊ ڪري جگر جلال ڏانهن موڪليو هو.

جگر جلال چانڊيو جو ڍولڪ نواز سيد جيئندو شاهه جنهن کي ڌاڙيلن سيد هئڻ سبب ڇڏي ڏنو

ڪالهه جيئن ئي جگر جلال پنهنجي پٽ آفتاب چانڊيو ڀائٽيو اميد علي چانڊيو طبلي نواز سيد جيئند شاهه هارمونيم نوازعبدالطيف تنيو ۽ ڊرائيور بهادر کهاوڙ سان گڏ جيئن ئي ڳڙھي تيغو کان دک بند نالي جڳهه تي پهتا ته هٿياربندن مٿس ڪنٽرول ڪري اغوا ڪيو. جنهن کان پوءِ هٿياربندن سيد جيئند شاهه کي ڇڏي باقي ٻين کي اغوا ڪري درياءُ پار ڪري ويا. جن جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آھي۽ سندن جا موبائل نمبر مسلسل بند آھن.هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ اسان ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي پوليس سان رابطي ۾ آياسين جن مغوين جي ڪار برآمد ڪري ورتي آھي باقي ٻي ڪا به ڪارروائي اڃان عمل ۾ ڪو نه آئي آھي، ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو