نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي 20 اجلاس کان اڳ وادي کي قلعي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.اجلاس کان اڳ قابض ڀارت والاريل وادي ۾ ڪشميرين جي گهرن تي ڇاپن، محاصرا ۽ تلاشي جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي.ان سان گڏ والاريل وادي ۾ گرفتار ماڻهن جو انگ 1000 کان وڌي ويو آهي.ٻئي طرف حريت ڪانفرنس جي 20هين اجلاس خلاف 22 مئي تي هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي.










