اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته جيڪي ايف آءِ آر ڪٽرائي رهيا آهن اهي ائين نه سوچين ته اسان توهان کي وساري ڇڏينداسين. اليڪشن ٿيڻ ڏيو، مان پاڻ توهان کي ڏسي وٺندس.ڪوٽلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺاهينداسين، عوام موقعو ڏنو ته هر فورم تي ڪشمير جو آواز بڻجنداسين، حڪومت ٺاهڻ لاءِ هو ڪوٽلي مان هر سيٽ تي کٽڻ چاهين ٿا. پي پي پي چيئرمين چيو ته هي آزاد ڪشمير جي تاريخ جي سڀ کان اهم اليڪشن آهي، عوام موقعو ڏنو ته هر فورم تي ڪشمير جو آواز بڻجندس، سياستدانن جو ڪم عوام جو آواز بڻجڻ آهي، اليڪشن ۾ ڪاميابي ڏيارڻ توهان جو ڪم آهي. هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي 6 مهينن کان آزاد ڪشمير ۾ حڪومت آهي، توهان کي گذريل اليڪشن کان به بهتر نتيجا ڏيارڻا آهن، اسان آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺاهينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق ۾ اسان جي دوست شهباز شريف جي حڪومت آهي، منشور موجب گلگت بلتستان وارن سان واعدو ڪيو، گلگت بلتستان جي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن پيپلز پارٽي کي کٽرايو، هاڻي مون کي گلگت بلتستان وارن سان ڪيل واعدو پورو ڪرڻو آهي. هن اهو به چيو ته حڪمراني جو حق، مالڪي جو حق ۽ روزگار جو حق ڏياريندس، مان هتي به اهو ئي منشور کڻي آيو آهيان جيڪو گلگت بلتستان ۾ هو. پي پي پي چيئرمين جو چوڻ هو ته جيڪو نظام هلي رهيو آهي جيڪڏهن چاهيو ٿا ته اهو ئي رهي ته توهان جي مرضي آهي، مان سمجهان ٿو ته ڪشمير جو عوام هاڻي تبديلي چاهي ٿو، چاهيان ٿو ته لاڙڪاڻي جي ايم اين اي سان گڏ ڪشمير جو ايم اين اي به مون سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ هجي، گلگت بلتستان ۾ پهريون ڀيرو وفاق کي شڪست ٿي. چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته ايڪشن ڪميٽي وارن مون کي خط لکيو ته پيپلز پارٽي حالتون ڏسي پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مون انهن کي خط جو جواب ڏنو، وزيراعظم کي به ٻڌايو ته هڪ ئي حل آهي ۽ مان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. هڪ ٽرٿ ڪميشن (سچائي ڪميشن) جوڙي وڃي جيڪا تحقيقات ڪري ته سچ ڇا آهي، احتجاج ڪندڙن کان مطالبو آهي ته تحقيقات تائين پنهنجو احتجاج بند ڪن، وفاق کي اپيل آهي ته ٽرٿ ڪميشن جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين وڌيڪ ڪارروائي نه ڪري. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته منهنجي خط جو جواب احتجاج ڪندڙن ۽ وزيراعظم جي نمائندن نه ڏنو، جيڪڏهن منهنجي مطالبي تي يقين نٿا رکو ته ڪو ٻيو حل ٻڌائي ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن کي چوان ٿو ته توهان سزا هتي جي رهندڙن کي ڏئي رهيا آهيو. رياستِ پاڪستان کي به گذارش آهي ته انٽرنيٽ تان پابندي هٽائي، ان قسم جي اجتماعي سزا ناهي ڏني ويندي، ڪشمير جي موجوده حالتن کان هر ڪشميري پريشان آهي، مون کي ان جو احساس آهي. پي پي پي چيئرمين وڌيڪ چيو ته سرحدن جي حفاظت لاءِ نڪرندڙ واپس ناهن آيا، مان انهن جي گهر وارن جو احساس ڪريان ٿو، احتجاج لاءِ نڪرندڙ گهر واپس ناهن آيا، مان انهن جو احساس ڪريان ٿو. اميد ڪريان ٿو ته چونڊن کان اڳ ڪشمير ۾ موبائل فون سروس بحال ٿي ويندي، اسان کي ڪشمير جون حالتون بهتر ڪرڻيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته توهان جي سيالڪوٽ جي وزير جيڪو ڪشميرين جي خلاف بيان ڏنو آهي، ڇا اها توهان جي پاليسي آهي؟ جيستائين اهو وزير ڪابينا ۾ رهندو اسان سمجهنداسين ته اها توهان جي پاليسي آهي. هن جو اهو به چوڻ هو ته جيڪو وزير ڪشمير کي ۽ توهان کي نقصان پهچائي رهيو آهي ان کي هٽائڻ گهرجي، وفاق ۽ مسلم ليگ (ن) کي اهڙي وزير کي دور ڪرڻ گهرجي، اهڙي وزير جو ڪو حق ناهي ته هو وزير ۽ اسيمبلي ميمبر رهي، ڪشمير جو مستقبل توهان جي کيسي ۾ ناهي، ڪشميرين جي هٿن ۾ آهي.










