جيڪب آباد ۾ ڌماڪو، هڪ  ڄڻو فوت، 8 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو فوت، 8 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد (ن سنڌيار) جيڪب آباد جي مولا داد روڊ تي بيٺل موٽرسائيڪل ۾ ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي سمير نور چنا موجب ڌماڪي کانپوءِ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي. سمير نور چنا چيو ته زخمين ۾ ٽي پوليس اهلڪار به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو