اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين جي خلاف جوڊيشل ڪمپليڪس حملي ڪيس ۾ عدالت اسد قيصر کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. پرويز الاهي، اسد عمر ۽ شبلي فراز جون حاضري کان ڇوٽ واريون درخواستون منظور ڪيون ويون. پي ٽي آءِ باني جي حوالي سان قانون واري وزارت کي لکيل خط جو جواب اڃان تائين سامهون نه اچي سگهيو آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 آڪٽوبر تائين تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن.










