اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صحافين جي تنظيمن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جو بل رد ڪري ڇڏيو. هڪ گڏيل بيان ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي چيو آهي ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جو مسودو صحافين جي تنظيمن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي يا ان جي ڪنهن به ميمبر سان شيئر ناهي ڪيو ويو. صحافتي تنظيمن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي PFUJ، APNS، CPNE، AMEND ۽ PBA جي نمائندن تي مشتمل آهي. پي ايف يو جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته تڪراري پيڪا ايڪٽ جي منظوري خلاف صحافي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪندا. ڊجيٽل رائيٽس فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نگهت داد جو چوڻ آهي ته حڪومت ايف آءِ اي جهڙن ادارن ذريعي من ماني فيصلن کي جائز قرار ڏئي رهي آهي. هي ترميمي بل مشاورت کانسواءِ آندو ويو، جيڪو ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025ع قومي اسيمبلي مان خميس تي منظور ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪوڙي خبر شايع ڪرڻ تي 3 کان 5 سال جي سزا مقرر ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير راڻا تنوير پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025ع قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو. پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 خلاف صحافين پريس گيلري مان واڪ آئوٽ پڻ ڪيو. حڪومت ۾ شامل ڪنهن به اتحادي پارٽي پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 جي مخالفت نه ڪئي، جڏهن ته مخالف ڌر بل پيش ٿيڻ کان اڳ واڪ آئوٽ ڪيو.










