جهنگلي جانور پارليامينٽ هائوس ۾ داخل

جهنگلي جانور پارليامينٽ هائوس ۾ داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ هڪ جهنگلي جانور پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿي ويو.پارليامينٽ ۾ داخل ٿيندڙ جانور کي پوليس پڪڙي ورتو.ان سلسلي ۾ اتي موجود عملي جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن جهنگلي جانور داخل ٿي ڪيترن ئي آفيسن کي نقصان پهچايو هو. سوشل ميڊيا تي ان جانور جون وڊيوز به سامهون آيون آهن، جن ۾ جانور کي پارليامينٽ هائوس جي آفيسن ۾ آزاد گهمندو ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ٽپو ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو.

ان حوالي سان سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي جي ڪنزرويٽر جاويد مهر جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ هائوس ۾ ايندڙ جانور کي مقامي زبان ۾  ’مشڪ ٻلو‘ به چيو ويندو آهي. جاويد مهر موجب هي هڪ بي ضرر جانور آهي، پرفيوم ۾ استعمال ٿيندڙ خوشبو هن جانور مان حاصل ڪئي ويندي آهي، شڪاري خوشبو حاصل ڪرڻ لاءِ ان جو شڪار ڪندا آهن، هي ڏکڻ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ وڏي مقدار ۾ ملي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو