سکر(امداد علي ڪلوڙ) سنڌ وائلڊ لائف کاتي جي ڪنزرويٽر جي نا اهلي سبب سنڌ وائلڊ لائف کاتو ناڪارا بڻجي ويو آهي جڏهن ته سنڌ وائلڊ لائف کاتي جو ڪنزرويٽر آفيس ۾ ويهڻ به ڇڏي ڏنو، ماڻهو ڪم ڪار لاء آفيس ۾ ويهي ويهي مايوس ٿي موٽي وڃن ٿا . ذريعن موجب سنڌ وائلڊ لائف کاتي جو ڪنزرويٽر پنهجا نوازڻ ۾ پورو آهي جڏهن ته ،حيدرآباد ڊويزن ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ جونئير آفيسر مقرر ڪرڻ جو انڪشاف به ٿيو آهي . ذريعن ٻڏايو آهي ته سنڌ وائلڊ لائف کاتي جا سينيئر آفيسر لائن حاضر ٿيل آهن ۽ سنڌ وائلڊ لائف کاتي جو هاڻوڪو ڪنزرويٽر ٻيلي کاني کان آيل آهي. هي به ٻڌايو ٿو وڃي ٿو ته سنڌ وائلڊ لائف کاتي جي سکر ڊويزن،بينظير آباد ڊويزن ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪيتري ئي وقت کان ڊپٽي ڪنزرويٽر مقرر نه ٿي سگهيا.آهن . سنڌ وائلڊ لائف کاتي سکر ڊويزن،بينظير آباد ڊويزن ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ عوام جا ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن سنڌ وائلڊ لائف کاتي ۾ مقرر ٻيلي کاتي جي ڪنزرويٽر کي هٽائي. سنڌ وائلڊ لائف کاتي کي بچايو وڃي.










