ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سومر تي اسٽاڪ مارڪيٽ کلندي ئي9 هزار پوائنٽ کان مٿي چڙهي ويو ۽ اپر لمٽ ڪيپ يعني 9475.49 پوائنٽ تي پڄندي ئي ڪاروبار معطل ٿي ويو. هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 16 هزار 650.12 تي پهچي ويو. اهو پهريون ڀيرو هو جو مارڪيٽ کلندي ئي اپر لمٽ ڪيپ تي هليو ويو. استاڪ مارڪيٽ رولز موجب 5 سيڪڙو مارڪيٽ وڌڻ يا ڪرڻ جي صورت ۾ ڪاروبار هڪ ڪلاڪ لاءِ معطل ڪيو ويندو آهي. ساڍي نائين وڳي کلندڙ مارڪيٽ 7 منٽن بعد 9.37 تي اپر لاڪ ٿي وڃڻ بعد ڪاروبار معطل ٿي ويو جيڪو 10.37 تي کلندو. مارڪيٽ جي اپر لمٽ ڪيپ جو اهم سبب، پاڪ ڀارت جنگبندي ۽ اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي ٻڌايو پيو وڃي.










