جناح هائوس حملو، 16 ڄڻا ڪمانڊنگ آفيسر حوالي ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس کي باهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ 16 جوابدارن کي آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل لاءِ ڪمانڊنگ آفيسر جي حوالي ڪري ڇڏيو.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جناح هائوس ۾ باهه ۽ ڀڃ ڊاهه ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڪمانڊنگ آفيسر آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل لاءِ 16 شرپسندن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.عدالت ڪمانڊنگ آفيسر جي اپيل تي پهريون فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌو ۽ ڪمانڊنگ آفيسر جي درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت اڳوڻي ايم پي اي ميان اڪرم عثمان سميت 16 جوابدارن کي ڪمانڊنگ آفيسر حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ايس پي ڪيمپ جيل 16 جوابدارن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڪمانڊنگ آفيسرن جي حوالي ڪري، ڪمانڊنگ آفيسر موجب جوابدارن تي آفيشل ايڪٽ تحت ڏوهه ثابت ٿيا آهن.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪمانڊنگ آفيسر موجب جوابدارن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلي سگهي ٿو ۽ هاڻي جوابدارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي آرمي ايڪٽ 1952ع تحت ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو