جماعت اسلامي پاران سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان

جماعت اسلامي پاران سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان مهانگائي ۽ آءِ پي پيز جي ٺيڪن خلاف سڄي ملڪ ۾ ڌرڻو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.راولپنڊي ۾ ڌرڻي جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته گورنر هائوس ڪراچي ٻاهران ڌرڻو شروع ٿي رهيو آهي.امير جماعت اسلامي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي، آءِ پي پيز جو آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت کي 2 ڏينهن جو وقت ڏئي رهيا آهيون، مطالبا پورا ڪيا ويندا، 3 آگسٽ فلسطين ۽ 5 آگسٽ تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو ويندو .هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور به نه ٿي سگهيو، جماعت اسلامي پنهنجا 10 مطالبا حڪومتي ڪميٽي آڏو رکي ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو