اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جماعت اسلامي 26هين آئيني ترميم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.درخواست جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان طرفان داخل ڪئي وئي آهي.جماعت اسلامي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 26هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، چيف جسٽس جي مقرري سينيئرٽي موجب ڪئي وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پارلياماني ڪميٽي طرفان چيف جسٽس جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ نئين جڊيشل ڪميشن جي قيام کي به معطل ڪيو وڃي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 26هين آئيني ترميم بنيادي حقن جي خلاف آهي، 26هين آئيني ترميم بنيادي آئيني ڍانچي ۽ ڪيترن ئي آئيني شقن جي خلاف آهي.درخواست ۾ وفاق سميت چئني صوبن کي ڌر بڻايو ويو آهي.










