اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانسواءِ پاڪستان جي صنعت ترقي نٿي ڪري سگهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي خوشخبري ملندي.اسلام آباد ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 77 سالن جو سفر اقتداري جدوجهد، سازشن ۽ غلطين سبب قابل رشڪ نه رهيو. اسان کي بحيثيت قوم پنهنجو احتساب ڪرڻو آهي، اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته زندگي بهار وانگر گذارڻي آهي يا ان خواب وانگر جنهن لاءِ پاڪستان ٺاهيو ويو هو.شهباز شريف چيو ته اڄ مهانگائي آهي، ماڻهو بجلي جي بلن ۽ ٻين مسئلن تي پريشان آهن پر ملڪ ۾ سڀ ڪجهه سٺو ناهي ته پوءِ سڀ ڪجهه خراب به ناهي.وزيراعظم چيو ته بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي کانسواءِ پاڪستان جي صنعت ترقي نه ٿي ڪري سگهي، برآمدات نه وڌي سگهي ٿي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي خوشخبري ملندي ۽ هو ڪجهه ڏينهن ۾ قوم کي خطاب ڪندي هڪ تجويز پيش ڪندو. 5 سالن جو اقتصادي منصوبو ڪندو،هن وڌيڪ چيو ته جن مختلف شعبن ۾ قوم لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ گولڊ ميڊل کٽڻ تي ارشد نديم کي به سلام پيش ڪريان ٿو.شهباز شريف چيو ته دشمن هر حربہ استعمال ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستان اڳتي نه وڌي سگهي، اسان جو دشمن اسان جي ايٽمي طاقت کان خوفزده آهي ۽ دشمن ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي ڪوڙ جي بمباري شروع ڪري ڇڏي آهي.










