ملتان سکر موٽر وي جو هڪ حصو لڙهي ويو، روڊ بند

ملتان سکر موٽر وي جو هڪ حصو لڙهي ويو، روڊ بند

جلال پور (ويب ڊيسڪ)جلال پور پير والا ويجهو موٽر وي جو هڪ حصو ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. پوليس اختيارين موجب، ملتان-سکر ايم-5 موٽر وي جو هڪ حصو جلال پور پير والا ويجهو ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهڻ بعد موٽر وي کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. اختيارين موجب، اوچ شريف روڊ تي دراڙ سبب موٽر وي کي سخت نقصان پهتو. اين ايڇ اي موٽر وي پل جي مرمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڻي جي اوچائي سبب ڪم روڪيو ويو.اختيارين موجب، جلال پور شهر جي حفاظت ڪندڙ ڊيم تي پاڻي جو دٻاءُ مسلسل گهٽجي رهيو آهي، جڏهن ته چناب درياءَ جي پاڻي جي سطح گهٽجڻ کان پوءِ، شجاع آباد جي ٻوڏ وارن علائقن ۾ به پاڻي گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي.ٻئي طرف، اوچ شريف روڊ تي دراڙ سبب درجنين آباديون متاثر ٿيون، جڏهن ته ماڻهن ۽ ملڪيتن کي بچائڻ لاءِ بچاءُ جون ڪارروايون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو