ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جاري ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان خواجه اظهار جي درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جعلي پي آر سي ۽ ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجه اظهارالحسن طرفان داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته حڪومت جاچ جي لاءِ ڪميٽي ته ٺاهي ڇڏي آهي پورءِ اوهان ڇا چاهيو ٿا؟جنهن تي خواجه اظهار جواب ڏنو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ اهم نڪتن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. جاچ ڪميٽيون 30 ڏينهن جي لاءِ ٺاهيون ويون آهن، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو 2 سالن کان پوءِ آيو آهي.درخواستگذار چيو ته سنڌ حڪومت صرف 4 ضلعن جون جاچ رپورٽون جمع ڪرايون هيون هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت جي رپورٽ جو به جائزو نه ورتو.درخواستگذار جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي وضاحت طلب ڪري ورتي.عدالتي ڪارروائي کان پوءِ خواجه اظهار صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جعلي ڊوميسائيل ٺاهي سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته شهري علائقن ۾ وڏي پيماني تي جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ٺاهيا پيا وڃن. گذريل 10 سالن ۾ هزارين جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ٺاهيا ويا.










