جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس ۽ جسٽس منصور سان ملاقاتون

جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس ۽ جسٽس منصور سان ملاقاتون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ۽ نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي وچ ۾ ملاقات ٿي.ذريعن موجب ٻنهي ججن جي ملاقات چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيمبر ۾ ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي کي مبارڪباد ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس آفريدي ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ چيف جسٽس سان ٻي ملاقات ڪئي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي به جسٽس منصور علي شاهه جي چيمبر ۾ ويو جڏهن ته نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي سندس چيمبر جي عملي طرفان مبارڪباد پڻ ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀ کان سينيئر جج رٽائرڊ چيف جسٽس جي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندو، جڏهن ته جسٽس يحيٰ آفريدي قاضي فائز عيسيٰ جي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو