جسقم پاران ساگر حنيف بڙدي کي رت جا ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش

نوشهروفيروز(ڊ ر) جسقم اڳواڻ شهيد ساگر حنيف بڙدي کي قومي جدوجهد تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جساف ڪارڪنن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو رت جا ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي عاشر راڄپر، ساگر مصطفيٰ مستوئي، وسيم سولنگي، فريد لاشاري ۽ شاڪر قريشي چيو ته شهيد ساگر حنيف بڙدي سدائين سنڌ جي حقن ۽ قومي آجپي جي ڳالهه ڪئي هن لطيفي فڪر ذريعي سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ ڏينهن رات پتوڙيو جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو کيس صدين تائين ياد رکندا.

پهنجو تبصرو موڪليو