جديد ٽيڪنالوجيز ذريعي ٻارن جي تحفظ لاءِ نوان قدم کڻون پيا: شاهه

جديد ٽيڪنالوجيز ذريعي ٻارن جي تحفظ لاءِ نوان قدم کڻون پيا: شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته معصوم ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام لاءِ آگاهي ڏيڻي پوندي، کين معاشري ۾ علم، شعور ۽ بيداري ذريعي درندگي ۽ حيوانيت جو خاتمو آڻڻو پوندو. وڏي وزير مراد علي شاهه ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته هر سال 19 نومبر تي ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام لاءِ عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. مراد لي شاهه جو چوڻ هو ته اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ٻارن ۽ سندن والدين ۾ استحصال جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته کين پنهنجي معاشري مان علم، شعور ۽ بيداري ذريعي درندگي ۽ حيوانيت جو خاتمو ڪرڻو پوندو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪتي انساني ترقي زندگي کي آسان بڻايو آهي، اتي ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان نوان چئلينجز به اڳيان آيا آهن. سندس چوڻ هو ته ٻارن کي تحفظ فراهم ڪڻ جي لاءِ قانون جي ضرورت سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالوجيز کي هڪ فائديمند ذريعو بڻائي سگهجي ٿو. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته استاد ۽ والدين جديد ٽيڪنالوجيز کي درست استعمال ڪرڻ لاءِ ٻارن کي تربيت ڏين. هن چيو ته سندن حڪومت ٻارن جي تحفظ کي اولين ترجيح ڏيندي آهي ۽ ان لاءِ سمورا وسيلا پڻ استعمال ڪندي آهي. وڏي وزير چيو ته اهي جديد ٽيڪنالوجيز ذريعي ٻارن جي تحفظ لاءِ نوان قدم کڻڻ شروع ڪري رهيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٻارن کي هر قسم جي استحصال ۽ تشدد کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته کين پنهنجي ٻارن کي آزادي سان گڏوگڏ تحفظ به فراهم ڪرڻو آهي ته جيئن نئون نسل سٺي نموني اڳتي وڌي سگهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٻار پاڪستان جو شاندار مستقبل آهن ۽ مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ ۾ والدين ۽ استاد پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو