جج کي ڪُٽڪو، ايم پي اي جو ڪزن گرفتار مڙس فرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايڊيشنل سيشن جج ۽ حڪمران پاڪستان تحريڪ انصاف جي، ايم پي اي جي مڙس وچ ۾ ٿيل جهيڙي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد هڪ جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ايم پي اي جو مڙس روپوش آهي. سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي داخل ڪيس موجب پنجاب اسمبلي جي ميمبر جي مڙس خرم ۽ ڪزن جيڪي پراڊو ۾ سوار هئا، تن جج کي ڪُٽڪو ڏنو. اسلام آباد جي جج بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هو ريڊ زون ۾ شاهراهه دستور تي سفر ڪري رهيو هو ته پويان ايندڙ پراڊو هارن وڄايو جج کيس رستو ڏنو ۽ ڪجهه دير ۾ جج گاڏي تيز ڪري پراڊو واري کي قابل اعتراض نشان ڏيکاريو. جنهن بعد جج پيٽرول پمپ تي بيٺو ته پراڊو وارن کيس ڪُٽڪو ڏنو ته جج پسٽل سان فائرنگ ڪئي. جنهن تي جوابدار ته ڀڄي ويا ۽ پوليس اچي وئي. جج کين تعارف ڪرائيندي سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو. واقعي جي خبر پوڻ بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايديشنل سيشن جج کي معطل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب ڌرين ۾ عدالتي ڪاروائي کان بچن لاءِ صلح بابت ڳالهيون هلن پيون.

پهنجو تبصرو موڪليو