اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ ججز جي مقرري لاءِ ايگزيڪٽو جي عدليه سان مشاورت کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار عمار سهري ايڊووڪيٽ جي درخواست منظور ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته رياست جا 3 ٿنڀا مقننه، انتظاميه ۽ عدليه آزاد آهن ڪنهن کي ٻئي تي بالادستي حاصل ناهي، ڪوبه قانون يا انتظامي عمل جيڪو عدليه جي آزادي کي متاثر ڪري اهو آئين سان تڪراري ۽ باطل آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته ماتحت عدليه به انهي آئين تحفظ جي حقدار آهي جيڪا اعليٰ عدليه کي حاصل آهي، ججز جي سروس جي شرطن ۾ آزادانه، غيرجانبدارانه ۽ ٻاهرين دٻاءُ کان آزاد ٿي اختيارن جو استعمال شامل هوندو.عدالت حڪم ڏنو ته ججز مقرري ۾ وفاقي حڪومت پنهنجا اختيار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان مشاورت کان پوءِ استعمال ڪري، اسلام آباد ۾ ٻين صوبن مان ڊيپوٽيشن تي آندل ججز عدليه جي خودمختاري کي متاثر ڪندا آهن. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته عدالتي آفيسرن جي مقرري، ملازمت جو مدو ۽ برطرفي جي لاءِ حڪومت ترميم ڪري، ترميم تائين ڪابه مقرري، ٽرانسفر يا برطرفي سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ سان گڏ مشاورت سان ٿيندي. سپريم ڪورٽ يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي مشاورت کان سواءِ مقرري، ٽرانسفر يا برطرفي غيرقانوني تصور هوندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قانون ۽ انصاف واري وزارت، ڪابينه ڊويزن کي فيصلي جي نقل اماڻڻ جو حڪم به ڏنو.










