ماتلي(رپورٽ مرتضي ميمڻ) ڪولهي برادري پاران ڪڍڻ شھر ۾ 11 سالا نينگر ڪيول ڪولهي کي مبينا زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ خلاف ماتلي جي ڪولهي برادري طرفان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ڪولهي برادري جي مردن عورتن ۽ ٻارڙن زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ واري عمل خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ڪڍڻ ۾ اسان جي 11 سالا نينگر ڪيول ولد ٽيڪم جو زبدستي مذهب تبديل ڪرائي مسلمان ڪيو ويو آهي جيڪو عمل سراسر غلط آهي هنن چيو ته هڪ نابالغ معصوم کي زبردستي ڌمڪائي ۽ هيسائي مذهب تبديل ڪرايو وڃي سنڌ ڌرتي جيڪا پيار ۽ محبت جي ڌرتي آهي اتي اهڙا واقعا ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو نينگر معصوم آهي خبر نه آهي ته ڪهڙي حال ۾ هوندو سندس امڙ سندس جدائي ۾ روئي روئي بيمار ٿي وئي آهي اسان چيف جسٽس سنڌ آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي بدين کي اپيل ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث عناصرن کي گرفتار ڪري معصوم نينگر کي بازياب ڪرائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.










