جابر حڪمرانن جي خوف آڏو نه جهڪندڙ ڪارڪنن کي سلام آهي

جابر حڪمرانن جي خوف آڏو نه جهڪندڙ ڪارڪنن کي سلام آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل جي مرڪزي مسجد ۾ عيد الفطر جو وڏو اجتماع ٿيو، جنهن ۾ قيدين ۽ پوليس اهلڪارن شرڪت ڪئي. جيل ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي عيد جي نماز اڊيالا جيل جي مسجد ۾ ادا ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ ۽ شاهه محمود قريشي هڪ ٻئي کي گلا ملائي هڪ ٻئي کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. ان کان علاوه جيل آفيسرن پي ٽي آءِ جي باني سان گڏ عيد جي نماز ادا ڪئي جڏهن ته جيل ۾ نماز دوران سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي.عمران خان عيد تي جاري ڪيل پيغام۾ چيو آهي ته عزت ذلت الله جي هٿ ۾ آهي الله جي انصاف کان مايوس نه ٿيو. ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته الله پاڪ ڪوڙ آڏو نه جهڪڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ اسين به جابر ۽ غيرقانوني حاڪمن آڏو نه جهڪنداسين. هن چيو ته مان پنهنجي ساٿين ۽ غام شهرين کي خراج پيش ڪريان ٿو جن حقيقي آزادي لاءِ جاني، مالي نقصان ۽ تڪليفون برداشت ڪيون پر جابر حڪمرانن جي پيدا ڪيل خوف آڏو بيهي رهيا آهن. عيد جي موقعي تي ملڪي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ دعا ڪريون ٿا. اسانکي نسل ڪشي جو شڪار غزا جي مسلمانن ۽ ڪشميري ڀائرن کي به دعائن ۾ ياد ڪرڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو