دادو (ن س) دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي والد سميت ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي، ام رباب چانڊيو وڪيل ۽ فريادي سميت عدالت پهتي سردار احمد چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ٻيا به عدالت ۾ پيش ٿيا، بينڪ مئنيجر ۽ جوابدار عبدالستار جي گرفتاري ۾ مشير اهلڪار اسد علي جو به بيان رڪارڊ ڪيو ويو ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ عدالت ۾ واقعي ۾ استعمال ٿيل گاڏي جيڪا لون تي ورتل هئي ان بئنڪ مئنيجرجو بيان رڪارڊ ٿيو آهي هن چيو ته بئنڪ مئنيجر عدالت ۾ بيان ڏنو ته هنن لون تي گاڏي ڏني هئي جنهن مان ظاهر ٿيو ته جوابدارن کي سهولتون فراهم ڪيون ويون ام رباب چانڊيو چيو ته عدالت ۾ گرفتار جوابدار عبدالستار جي گرفتاري ۾ مشير اهلڪار اسد علي جو به بيان رڪارڊ ٿيو آهي هن چيو ته اسان عدالت ۾ ثبوت پيش ڪندا پيا وڃون، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن جوابدارن کي سزا ضرور ملندي










