ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڇا توهان کي خبر آهي ته ڀارت جي پهرين مسلمان عورت فائٽر پائليٽ جو نالو ثانيه مرزا آهي؟پر جيڪڏهن توهان سوچي رهيا آهيو ته اها ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا آهي ته پوءِ ائين ناهي پر ڀارت جي پهرين مسلمان عورت فائٽر پائلٽ جو تعلق ڀارت جي شهر مڌيا پرديش جي ضلعي مرزاپور سان آهي.ثانيه مرزا نيشنل ڊفينس اڪيڊمي 2022 جو امتحان پاس ڪرڻ بعد ڀارت جي پهرين عورت فائٽر پائلٽ بڻجي وئي.ثانيه مرزا، ٽي وي ميڪينڪ جي ڌيءَ، پهرين مسلمان عورت آهي، جيڪا ڀارتي هوائي فوج ۾ فائٽر پائلٽ طور چونڊجي وئي.هندي مسلم اسڪول ۾ پڙهندڙ ثانيه مرزا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هندي مسلمان شاگردن ۾ جوش هجي ته هو به گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهن ٿا.ثانيه مرزا 27 ڊسمبر تي نيشنل ڊفينس اڪيڊمي جوائن ڪندي. ثانيه جي والد شاهد علي جو چوڻ آهي ته ثانيه ڀارت جي پهرين عورت فائٽر پائلٽ اوني ڇترويدي کي پنهنجو رول ماڊل سمجهندي هئي ۽ ان وانگر ٿيڻ چاهي ٿي، ثانيه ڀارت جي ٻي عورت فائٽر پائلٽ آهي جنهن تي اسان کي فخر آهي.










