اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسپيشل جج سينٽرل تڪراري ٽوئٽ ڪيس ۾ گهربل سينيٽر اعظم سواتي جي درخواست ضمانت رد ڪري ڇڏي اربع تي اسپيشل جج سينٽرل اعظم خان تڪراري ٽوئٽ ڪيس جو محفوط فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ اعظم سواتي جي درخواست ضمانت رد ڪئي وئي آهي عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته اعظم سواتي هڪ ئي ڏوهه ٻه ڀيرا ڪيو ان لاءِ عدالت جوابدار جي درخواست ضمانت خارج ڪئي وڃي ٿي.










