تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي، سعودي عرب کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا:بائيڊن

تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي، سعودي عرب کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا:بائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن سعودي عرب کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اوپيڪ تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي ڪئي ته رياض کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ جو بائيڊن چيو ته هو اهو نه ٻڌائيندو ته سندس ذهن ۾ ڪهڙو عمل آهي، پر يقين آهي ته ان جا نتيجا نڪرندا.رپورٽن مطابق پيٽروليم برآمد ڪندڙ ملڪن جي 13 رڪني تنظيم (OPEC) ۽ ان جي 10 اتحادين گذريل هفتي تيل جي پيداوار ۾ 2 ملين بيرل في ڏينهن گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب سياري جي شروعات ۾ ان قدم سان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان واڌ جو امڪان آهي.پنهنجي انٽرويو ۾ صدر بائيڊن مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دعويٰ ڪئي ته هو ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي آساني سان شڪست ڏيندو.جي 20 سربراهه اجلاس جي موقعي تي روسي صدر پيوٽن سان ملاقات جي حوالي سان صدر بائيڊن ڳالهين جا دروازا بند ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ چيو ته سندس صدر پيوٽن سان ملاقات جو ڪو به ارادو ناهي.هن چيو ته جيڪڏهن صدر پيوٽن ملاقات شروع ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هو باسڪيٽ بال اسٽار برٽني گرينر جي آزاد ٿيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿو ته اهي ملاقات ڪندا، تنهن ڪري ملاقات جو دارومدار صدر پيوٽن جي رويي تي هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو