اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تيل جي پهچ ۾ رڪاوٽن باوجود پاڪستان ۾ توانائي جو بحران پيدا نه ٿيو.مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي بجلي جي فراهمي لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبه بندي ۽ تازو هلندڙ عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ برآمدات جي اڳڀرائي جي حوالي سان اهم اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو.اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب تيل جي پهچ ۾ رنڊڪن جي باوجود ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۾ توانائي جو مناسب حصو هجڻ سبب توانائي جو بحران پيدا نه ٿيو. شهباز شريف بيٽڙي توانائي اسٽوريج سسٽم جي منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته شمسي توانائي ۽ ٻين قابل تجديد توانائي جي ذريعن مان بجلي شعبي جو مستقبل آهي. هن قابل تجديد توانائي جي ذريعن کي قومي سطح تي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي لاءِ جامع لائحه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم چيو ته تازو هلندڙ عالمي ڇڪتان ۽ چيلنجز جي باوجود عرب ملڪن کي پاڪستاني برآمدات جاري آهي هن پي اين ايس سي کي سامونڊي رستي کان ملڪي برآمدات وڌائڻ جي لاءِ بحري جهازن جو انتظام ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته علاقائي ڇڪتاڻ جي باوجود ڪامياب سفارتڪاري سان عرب ملڪن کي پاڪستان برآمدات جي رسد يقيني بنائي وئي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي پيداوار جي حوالي سان ڊگهي مدي جو لائحه عمل، تازي عالمي صورتحال ۾ ملڪي برآمدات جي لاءِ موقعا ۽ پيش ايندڙ چيلنجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت بجلي جي ٽوٽل پيداوار ۾ 55 سيڪڙو حصو قابل تجديد ذريعن ۽ 45 سيڪڙو حصو حياتياتي ايندهن جو آهي جڏهن ته ايندڙ 10 سالن ۾ بجلي جي قابل تجديد ذريعن کان پيداوار 90 سيڪڙو تائين، جڏهن ته حياتياتي اديهن مان پيداوار 10 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ جي لاءِ منصوبه بندي تي ڪم جاري آهي.شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تازو هلندڙ علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ملڪي برآمدات جي لاءِ سهولت پيدا ڪرڻ جي لا3 عرب ملڪن سان سفارتي ڪوششون جاري آهن، عرب ملڪن ۾ پاڪستاني زرعي جنسن جي طلب ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي.اجلاس ۾ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، رانا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد چيمه، محمد اورنگزيب، عطاءُالله تارڙ، علي پرويز ملڪ، سردار اويس احمد لغاري، جنيد انور چوڌري، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر ۽ طارق باجوه، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.










