تيل جي قيمتن جي جائزي لاءِ 18 رڪني ڪميٽي قائم

تيل جي قيمتن جي جائزي لاءِ 18 رڪني ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملي کان پوءِ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو.وزيراعظم شهباز شريف پاران عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب تيل جي قيمتن جو جائزو وٺڻ لاءِ 18 رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي جنگ جي ڪري پاڪستان جي معيشت جو جائزو وٺندي.ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو، جڏهن ته ڪميٽي ۾ پيٽروليم جو وزير، توانائي جو وزير، ناڻي وارو مملڪتي وزير ۽ مختلف وزارتن جا سيڪريٽري، گورنر اسٽيٽ بينڪ، چيئرمين ايف بي آر، چيئرمين اوگرا ۽ ٻيا عملدار شامل هوندا.نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي تيل جي فراهمي ۽ قيمتن جي مسلسل نگراني ڪندي، ۽ هڪ حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي ته جيئن پيٽروليم جي فراهمي متاثر نه ٿئي. ڊگهي جنگ جي صورت ۾ معاشي اثر جو به جائزو ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو