توهين عدالت ڪيس، عمران خان کان جواب طلب،وفاق جي درخواست رد

توهين عدالت ڪيس، عمران خان کان جواب طلب،وفاق جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، حڪومت طرفان عمران خان جو لانگ مارچ فوري روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سبراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ عمران خان خلاف توهين عدالت جي حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دورنا چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته چيف جسٽس چيو ته 26 مئي جي فيصلي ۾ اهو طئي ٿي ويو ته عمران خان خان جو لانگ مارچ روڪڻ جي هيءَ درخواست هاڻي غيراثرائتي ٿي چڪي آهي ڇاڪاڻ ته هو ٻيهر اچي رهيو آهي، جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي فيصلي ۾ اڳ ئي چيو هو ته اوهان عدالت کان اهو ڇا گهرڻ آيا آهيو؟ عدالت ايگزيڪٽو ناهي ۽ نه ئي ٿيڻ چاهي ٿي.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سياسي معاملن ۾ عدالتن کي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، حڪومت وٽ قانون جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو اختيار آهي، حفاظتي قدم کڻڻ سرڪار جو ڪم آهي، اها ڪري، عدالت رڳو اهو چاهي پئي ته ڪير ظالماڻا قدم نه کڻي.سپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار جي عمران خان جو لانگ مارچ فوري طور رد ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مڪالمي دوران حڪومت کي عمران خان سان ڳالهين جي صلاح ڏيندي رمارڪس ڏنا ته احتجاج ڪرڻ وارن سان ڳالهيون ڪيو.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته بهتر آهي ته توهان پنهنجي درخواست واپس وٺو، هن درخواست جا قانوني اثر ٿي سگهن ٿا.عدالت چيو ته فلحال توهين عدالت جو يا شوڪاز نوٽيس جاري نه پيا ڪيون، نوٽيس جاري ڪرڻ سان اهو تاثر ويندو ته توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ٿي وئي آهي، عمران خان جو جواب اچي وڃي پوءِ جائزو وٺنداسين ته توهين عدالت ٿي يا نه.سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪندي رمارڪس ڏنا ته ضرورت پئي ته عدالت سومر کان پهريان به موجود هوندي…سپريم ڪورٽ توهين عدالت ۾ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.ٻڌڻي دوران عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته عمران خانجي ڊي چوڪ ڪال توهين عدالت آهي، 26 هين مئي واري صبح جناح ايونيو تي ڇهه وڳي ريلي ختم ڪئي وئي، عمران خان مختص جاءِ وٽان گذري بليو ايريا آيو ۽ ريلي ختم ڪئي، مختص هنڌ ايڇ نائين کان چار ڪلوميٽر اڳتي اچي عمران خان ريلي ختم ڪئي.چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي چيو ته اوهان جي ڳالهه ۾ وزن آهي، نوٽيس ۾ خاطري جو ذڪر آهي پر لکت ۾ ڪٿي آهي.عامر رحمان چيو ته عدالت فيصل چوڌري ۽ بابر اعواڻ کي عمران خان کان هدايتون وٺڻ جو چيو هو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مناسب ائين ٿيندو ته حڪومتي الزامن تي خاطري ڪرائڻ وارن کان جواب گهرو، لکت ۾ مواد نه هجڻ تي ڪنهن سڏائڻ مان ڪو فائدو ناهي.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته خاطري عمران خان طرفان وڪيلن ڏني هئي، جنهن ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته بابر اعواڻ، فيصل چوڌري عمران خان طرفان خاطري ڪرائي هئي ته نه روڊ بلاڪ ٿيندا نه ئي مقرر جاءِ کان اڳتي وينداسين،جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته رپورٽن ۾ ايترو جواز موجود آهي ته عمران خان کان جواب گهريو وڃي، جيڪڏهن نوٽيس جاري ڪيون تڏهن به عمران خان جو پيش ٿيڻ ضروري ناهي، هيڊلائينز نٿا ٺاهڻ چاهيون، قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا، سول نوعيت جي توهين عدالت ۾ شوڪاز تي ئي پيش ٿيڻو پوندو آهي.چيف جسٽس چيو ته عمران خان جي بيان مان لڳي ٿو کيس عدالتي حڪمن کان آگاهه ڪيو ويو آهي، عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ رنڊڪون هٽائڻ جو چيو آهي، هن کي ڇا ٻڌايو ويو اصل سوال اهو آهي، عمران خان عدالت ۾ پيش ٿي واضح ڪري ته ڪنهن ڇا چيو هو.جسٽس يحييٰ آفريدي چيو ته نوٽيس کانسواءِ ڪنهن کان جواب نٿو گهري سگهجي جڏهن ته چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته فلحال نوٽيس جاري نه پيا ڪيون، نوٽيس جاري ڪرڻ سان اهو تاثر ويندو ته توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ٿي وئي آهي.سپريم ڪورٽ چيو ته جسٽس يحييٰ حسيني گذريل اختلافي نوٽ موجب عمران خان کي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان ۽ سندس وڪيل ٽيهه آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائين.سپريم ڪورٽ آءِ ايس آءِ، آءِ بي ۽ پوليس رپورٽون پڻ عمران خان کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٽنهي رپورٽن جي روشني ۾ عمران خان جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٽيهه آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو