لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست تي چيئرمين اوگرا کي نوٽيس جاري ڪيو آهي ۽ جواب طلب ڪيو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا آئل مارڪيٽنگ ايسوسيئيشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار موجب آئل مارڪيٽنگ ايسوسيئيشن تيل ڪمپنين جي هڪ رجسٽرڊ تنظيم آهي، پر آئل ايڊوائزري ڪائونسل نالي هڪ غير قانوني ايسوسيئيشن پڻ مارڪيٽ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت چيئرمين اوگرا کي آئل ايڊوائزري ڪائونسل جي قانوني حيثيت واضح ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، پر عدالتي حڪم جي باوجود اهو نه ڪيو ويو، درخواستگذار عدالت کي درخواست ڪئي ته چيئرمين اوگرا خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، بعد ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست تي چيئرمين اوگرا کي نوٽيس جاري ڪيو ۽ جواب طلب ڪيو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










